ديوان عاقل

ديوان عاقل (ڪتاب): ديوان عاقل سنڌ جي نامور عالم ۽ شاعر مولوي محمد عاقل سومري تخلص عاقل جي سنڌي غزلن جو مجموعو آهي. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پير جو ڳوٺ ڇڏي لاڙڪاڻي رهيو. ڊاڪٽر اياز حسين قادري ڪتاب ’سنڌي غزل جي اوسر‘ ۾ لکي ٿو ته: ”مولوي عاقل کي شعر و شاعري سان دل هئي، تنهنڪري هن جي سنڌ ۾ گھڻن شاعرن سان دوستي هئي. هي علم عروض جي باريڪين جو ڄاڻو هو ۽ هڪ پختو پُرگو شاعر هو. هن جي سڄي عمر شعر و شاعري ڪندي گذري ۽ سنڌي توڙي پارسي شعر نهايت ئي روانيءَ سان چئي سگھندو هو. جيتوڻيڪ سندس غزلن تي پارسي استعارن، تشبيهن ۽ زبان جو گھرو اثر هو. ان هوندي به هن جو غزل لطافت ۽ رنگينيءَ سان ڀريل هو. هن کي قطعه تاريخ چوڻ تي پڻ وڏي دسترس حاصل هئي. سندس ديوان ۾ غزل رديفن مطابق الف ب وار ترتيب سان لکيل آهن. ’ديوان عاقل المعروف به غزليات عاقل‘ قلمي صورت ۾ حامد الله سومري وٽ لاڙڪاڻي ۾ موجود آهي.“


لفظ ديوان عاقلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو